عمران خان جي گرفتاري: پي ٽي آءِ جي پرتشدد مظاهرن بعد مرڪزي قيادت گرفتار

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي گرفتاري بعد سڄي ملڪ ۾ پي ٽي آءِ جي پرتشدد مظاهرن بعد پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت کي گرفتار ڪيو ويو آهي

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر، فواد چوڌري ۽ عمر سرفراز چيما کانپوءِ اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي به ڪيو ويو آهي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاريءَ خلاف ملڪ گير پرتشدد واقعن ۾ ملوث 2200 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، اسلام آباد ۾ پرتشدد مظاهرن ۾ ملوث 200 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو، پنجاب ۾ پرتشدد ڪارراين ۾ ملوث 1386 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

 پوليس ترجمان موجب وڳوڙي ڪاررواين ۾ پنجاب ۾ 145 کان وڌيڪ پوليس آفيسرز ۽ اهلڪار زخمي ٿيا، پنجاب پوليس جي استعمال هيٺ 69 گاڏين کي به نقصان پهتو

 خيبرپختونخوا ۾ پرتشدد مظاهرن ۾ هيل تائين 7 ماڻهو مارجي ويا ۽ 106 زخمي ٿيا، پشاور ۾ 4، ڪوهاٽ ۾ 2 ۽ دِير ۾ هڪ شخص مارجي ويو

جڏهن ته زخمين ۾ 36 پوليس آفيسرز ۽ اهلڪار به شامل آهن، پوليس موجب ڪي پي ۾ پرتشدد مظاهرن  ۾ ملوث 296 ماڻهو گرفتار ڪيا ويا، ڪراچي ۾ پرتشدد مظاهرن ۾ ملوث 350 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

After the arrest of Imran Khan