پاڪستان ۾ سون جي قيمت ۾ هزارين رپيا گهٽتائي

ڪراچي: پاڪستان ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ هزارين رپيا گهٽتائي ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 3 هزار 100 رپيا گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 2 لک 4 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون ٻه هزار 658 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 75 هزار 68 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون 14 ڊالر گهٽيو آهي ۽ في اونس سون هڪ هزار 968 ڊالرن جو ٿي ويو آهي.