وزيراعظم عمران خان گرين لائين منصوبي جي ٽرائل آپريشنز جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي: وزيراعظم عمران خان گرين لائين منصوبي جي ٽرائل آپريشنز جو افتتاح ڪري ڇڏيو آھي، وزيراعظم عمران خان گرين لائين منصوبي جي ٽرائل آپريشنز جي افتتاح جي لاءِ اڄ ڪراچي پھتو، افتتاح جي موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر، گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽ ٻيا بھ وزيراعظم سان گڏ ھئا

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان گرين لائين اسٽيشن جو دورو ڪيو ۽ بسن جو معائنو ڪيو جڏھن تھ ھُن کي عملدارن پراجيڪٽ جي حوالي سان بريفنگ ڏني

گذريل ڏينھن گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽ وفاقي وزير اسد عمر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ھو تھ وزيراعظم عمران خان گرين لائين منصوبي جي ٽرائل آپريشنز جو افتتاح ڪندو

، وفاقي وزير اسد عمر طرفان ڪراچي ۾ گرين لائين منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران پ پ ۽ نواز ليگ تي تنقيد ڪئي وئي، اسد عمر چيو آهي ته ڪراچي واسين جي انٽرٽينمينٽ لاءِ ڪالهه کان تماشو لڳايو پيو وڃي

نواز ليگ 28 مهينن ۾ گرين لائين منصوبي جو بنيادي ڍانچو به نه ٺاهيو، بلاول معصوم ٻار آهي، سندس بيان کي سنجيده نه وٺڻ گهرجي، بلاول کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته سنڌ ۾ 6 ڀيرا حڪومت ڪرڻ باوجود توهان عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو، اڃا ڪيترو وقت گهرجي، عوام جو پئسو لنڊن ۽ دبئي ۾ محل خريد ڪرڻ لاءِ نه، پر عوامي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گڏ ڪيو ويندو آهي

ڪراچي ۾ گرين لائين بس سروز کي 25 ڊسمبر کان ڪمرشل بنيادن تي هلايو ويندو، سال 2014ع ۾ نواز ليگ جي وفاقي حڪومت گرين لائين بس سروس هلائڻ جو اعلان ڪيو هو، پي ٽي آءِ حڪومت ۾ منصوبو مڪمل ٿيڻ بعد وزيراعظم عمران خان اڄ ٽرائل آپريشن جو افتتاح ڪيو

منصوبي ۾ 80 بسز لاءِ 22 اسٽاپ هوندا، هڪ بس ۾ 200 کان 250 مسافر ويهارڻ جي گنجائش موجود، شهري 20 کان 50 رُپيا ڀاڙو ڀري گرين لائين بس ۾ سفر ڪري سگهندا، منصوبي لاءِ جديد ڪنٽرول روم به ٺهيل آھ