اسلام آباد: سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي خلاف مخصوص بين الاقوامي لابي جاري آهي. ٽويٽ ڪندي هن چيو آهي ته اسان کي جهڪائڻ جي خواهش رکڻ وارا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي دورن جي منسوخي سان ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي، ٻئي بورڊز جي خلاف قانوني ڪارروائي جي لاءِ وڪيلن سان مشورو ڪنداسين.