چيف جسٽس گلزار احمد ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي انڊونيشيا روانو

اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي انڊونيشيا روانو ٿي ويو آهي.

چيف جسٽس جي غير موجودگي ۾ سپريم ڪورٽ جو جج جسٽس عمر عطا بنديال وقتي چيف جسٽس هوندو. جسٽس عمر عطا بنديال وقتي چيف جسٽس آف پاڪستان جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو آهي.