وفاقي سرڪار سستي مقامي کنڊ ڇڏي مھانگي خريد ڪري ورتي

وفاقي سرڪار ٻاھريان مھانگي کنڊ جو سودو ڪيو آھي ۽ کنڊ جي لاءِ 637.10 ڊالر في ٽن گھٽ ۾ گھٽ ٻولي منطوري ڪري ورتي آھي. ذريعن جو چوڻ آھي تھ ٻاھريان گھرايل کنڊ پورٽ تي 108 روپيا 85 پئسا فيصلو ۾ پوندي جڏھن تھ خرچو ملائي ڪري يوٽيليٽي اسٽورز کي کنڊ تقريبن 123 روپيا في ڪلو جي حساب جي پوندي. ذريعن موجب ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان 2 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ جا سودا ڪيا ۽ اھا کنڊ الخليج گروپ کان خريد ڪئي وئي آھي. ذريعن ٻڌايو تھ ٻاھريان گھرايل کنڊ جي پھرين کيپ 20 کان 24 سيپٽمبر تائين پاڪستان پھچي ويندي.