زبردستي ويڪسين لڳائڻ خلاف عورت عدالت پهچي وئي

اسلام آباد: سڄي دنيا جيان پاڪستان ۾ ڪورونا وبا جا حملا جاري آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وائرس سبب وڌيڪ 83 مريض فوت ٿي ويا.
ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي روڪٿام لاءِ جتي حڪومت مختلف پابنديون هڻي رهي آهي، اتي ئي وري ڪورونا ويڪسينيشن تي پڻ زور ڏنو پيو وڃي.
حڪومت طرفان سرڪاري ملازمن ۽ عام شهرين کانپوءِ هاڻ شاگردن جي ويڪسينيشن جو سلسلو به شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڃا تائين ڪيترائي شهري ويڪسين لڳرائڻ کان لنوائي رهيا آهن، اهو ئي سبب آهي جو شاگردن جي ويڪسينيشن لاءِ والدين جو راضپو لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
هاڻ هڪ عورت زبردستي ويڪسين لڳرائڻ خلاف عدالت پهچي وئي آهي.
شاهينه شهاب الدين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ زبردستي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن تي چيف جسٽس اطهر من الله سڀاڻي ٻڌڻي ڪندو.
درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آهي ته زبردستي ويڪسين لڳائڻ انساني حقن ۽ اسلامي روايتن جي خلاف آهي، ان کي رد ڪرڻ گهرجي، عدالت حڪومت کي شهرين کي زبردستي ويڪسين لڳائڻ کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪري.
درخواست ان سلسلي ۾ صحت واري وزارت، اين سي او سي، ڊريپ ۽ پي ٽي اي کي ڌر بڻايو آهي.