اسلام آباد: گلگت بلتستان ۾ پهريون ڀيرو پوليو جو ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ، اسلام آباد، تصديق ڪئي آهي ته گلگت بلتستان جي ضلعي ديامر جو هڪ 23 مهينن جو ٻار پوليو وائرس سان متاثر ٿيو آهي.آفيسرن جو چوڻ آهي ته هن ڪيس جي سامهون اچڻ کان پوءِ، گلگت بلتستان ۾ پهريون ڀيرو پوليو وائرس جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو آهي.ياد رهي ته هن سال ملڪ ۾ هاڻي تائين پوليو جا 11 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.