انبن جا شوقين ماڻهو سڄي دنيا ۾ موجود آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو هاڻ انب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پوکيا وڃن ٿا.
پر ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته دنيا جو سڀ کان مهانگو انب ڪهڙي ملڪ ۾ ۽ ڪيتري اگهه تي وڪرو ٿئي ٿو؟ جيڪڏهن نه ته اچو ڄاڻون.
ميڊيا رپورٽن موجب ميازاڪي دنيا جو سڀ کان مهانگو انب آهي، جنهن جي في ڪلو قيمت 3 لک رپيا آهي، هي انب دنيا جو سڀ کان مهانگو انب هجڻ جو اعزاز رکي ٿو.
انهن انبن کي ”ايگس آف سن شائن“ به سڏيو وڃي ٿو، جڏهن ته واڱڻائي رنگ سبب انهن کي ”ڊائنوسار جو انڊو“ به چيو وڃي ٿو.
هي انب پهريون ڀيرو 2021ع ۾ جاپان جي شهر ميازاڪي ۾ پوکيو ويو هو، جيڪو پنهنجي مٺاڻ سبب سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، جڏهن ته هاڻ ان کي ٿائلينڊ، فلپائن ۽ ڀارت ۾ به پوکيو وڃي ٿو.
دنيا جي سڀ کان مهانگي انب جون خاصيتون اهي آهن ته هي انتهائي مٺو، رسيلو، ملائي جيان وات ۾ ڳري ويندڙ ۽ خوشبودار هوندو آهي، ان ۾ ريشو ناهي هوندو.
انهن انبن جو وزن 350 گرام کان 550 گرام تائين هوندو آهي ۽ انهن ۾ 15 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ کنڊ جي مقدار هوندي آهي.