اسڪول کولرائڻ چاهيو ٿا ته ٻارن کي ويڪسين ڪرائڻي پوندي: تعليم وارو وزير

ڪراچي: تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه جي صدارت ۾ ڊاريڪٽوريٽ آف پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز اينڊ رجسٽريشن فارپرائيويٽ اسڪول اينڊ ڪاليجز جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿي گذريو. باجلاس ۾ سيڪريٽري اسڪولز اڪبر لغاري، سيڪريٽري ڪاليج خالد حيدر شاهه سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صحت کاتي جي سفارشن تي سومر ڏهاڙي کان سمورن اسڪولن ۾ ويڪسينيشن جي مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو ته جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته اسڪول بند نه ڪيا وڃن ته ٻارهين تائين سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ويڪسين ڪرائڻي پوندي. تعليم واري وزير جو چوڻ هو ته سڄي دنيا جي ترقي يافتا ملڪن ۾ ويڪسين ڪرائڻ سان زندگي معمول تي آئي آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻارن کي ويڪسين ڪرائڻ لاءِ انهن جي والدين کان راضپي وارا سرٽيفڪيٽ ورتا ويندا. ان حوالي سان سمورن والدين، تنظيمن، خانگي اسڪولن جي ايسوئيشنز کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. اجلاس ۾خانگي اسڪولن جي رجسٽريشن جي حوالي سان جائزو وٺڻ جو فيصلو به ڪيو ويو. ان سان گڏ خانگي اسڪولن جي انگ ۽ سهولتن جو به جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سمورن خانگي اسڪولن جو ڊيٽا بيس مڪمل ڪري مڪينزم بڻايو ويندو. خانگي اسڪولن ۾ جاچ پڙتال لاءِ ٽيم جوڙيويندي ۽ خانگي اسڪولن جي استادن جون پگهارون به جاچيون وينديون. سردار شاهه چيو ته سنڌ حڪومت جي مزدورن لاءِ مقررڪيل جيتري پگهار خانگي اسڪول جي استادن کي ڏيڻي پوندي. هن چيو ته خانگي اسڪولن ۾ فيس جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ٻارن کي ڪڍڻ نه ڏيندس ان سان ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿئي ٿي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ننڍا هجن يا وڏا خانگي اسڪولن واري قانونن موجب ڏهه سيڪڙو ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻي پوندي. سندس چوڻ هو ته خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ لازمي آهي جنهن تي به عمل ڪرڻو پوندو. ان حوالي سان تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه جو چوڻ هو ته خانگي اسڪولن جي استادن کي سنڌي پڙهائڻ جي ٽريننگ لينگويج اٿارٽي ڏيندي، اسان چاهيون ٿا ته سنڌي ٻولي ذريعي ڀائيچارو پيدا ڪيون.