بدين ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ اڻوهتر مريض ظاهر

بدين: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي 4 هين لهر شروع ٿيڻ بعد بدين ضلعي ۾ پڻ ڪورونا وائرس تيزي سان ڦهلجڻ لڳو آهي.
جڏهن ته ڪورونا وائرس متعلق صحت کاتي جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر ڪامل ميمڻ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ضلع ۾ وڌيڪ 69 ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن سان ضلعي ڪورونا ڪيسن جو 5 هزار 4 سئو 2 ٿي ويو آهي، جنهن 30 ڄڻا وفات ڪري ويا آهن، 22 مريض اسپتال ۾ داخل آهن، 256 مريض گهرن ۾ آئسوليٽ ٿيل آهن، جڏهن ته 5 هزار 1 سئو 4 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.
اهڙي طرح 510 ڪورونا ٽيسٽ لاءِ ورتل نمونن جي رزلٽ جو انتظار آهي.