اسلام آباد: ملڪ ۾ پوليو جا 3 نوان ڪيسز سامهون اچي ويا آهن. صحت واري قومي اداري لکي مروت، اتر وزيرستان ۽ عمرڪوٽ مان هڪ هڪ نئون ڪيس رپورٽ ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
صحت کاتي جي ذريعن موجب لکي مروت ۾ 15 مهينن جي ٻارڙي جڏهن ته اتر وزيرستان ۾ 6 مهينن جي ٻارڙي پوليو سبب متاثر ٿي آهي، سنڌ جي ضلعي عمرڪوٽ ۾ به 5 ورهين جي ٻارڙي پوليو سبب متاثر ٿي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 3 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيڻ کان پوءِ هلندڙ سال ملڪ ۾ رپورٽ پوليو ڪيسز جو انگ 17 ٿي ويو. هينئر تائين خيبرپختونخواهه مان 10، سنڌ مان 5، پنجاب ۽ گلگت بلتستان مان هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿي چڪو آهي.
صحت واري قومي اداري جو چوڻ آهي ته پوليو هڪ ناقابل علاج بيماري آهي جنهن جو بچاءُ صرف ويڪسين سان ئي ممڪن آهي هر پوليو مهم ۾ 5 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن کي ويڪسين لازمي ڏني وڃي، پوليو ويڪسين جي مخالفت ٻارن کي سموري زندگي جي معذوري ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿي.
صحت کاتي جي قومي اداري موجب پوليو جي خلاف جنگ ۾ والدين جو ڪردار انتهائي اهم آهي، هر غير ويڪسينٽيڊ ٻار ٻين جي لا به خطرو بڻجي سگهي ٿو.