يلو لائن بي آر ٽي ڪراچي جو هڪ اسٽريٽيجڪ ۽ وزنري منصوبو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي:  سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته يلو لائين بي آر ٽي ڪراچي جو هڪ اسٽريٽيجڪ ۽ وزنري منصوبو آهي جنهن جو مقصد عوام کي تيز، سستي ۽ محفوظ سفري سهوليت ڏيڻ آهي.

عالمي بينڪ جي اعليٰ سطحي وفد يلو لائين بي آر ٽي منصوبي جي سائٽ آفيس ۽ ڄام صادق پل جي ڀرسان جاري تعميراتي ڪم جو دورو ڪيو. انهي موقعي تي شرجيل ميمڻ وفد کي يلو لائن بي آر ٽي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اهو منصوبو شاهراهه نور جهان کان ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۽ لانڍي تائين محدود هوندو جنهن مان روزانو لکين ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهندا. هن چيو ته يلو لائن نه صرف شهرين جي چرپر کي بهتر بنائيندي پر معاشي سرگرمين کي به هٿي ڏيندي. اسان چاهيون ٿا ته منصوبو عالمي معيار موجب مڪمل ٿئي انهي ۾ سهولتن کي عالمي شهرن جهڙو بنايو پيو وڃي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته يلو لائين بي آر ٽي ۾ صرف اليڪٽرڪ بسون هلن ته جيئن اهو منصوبو مڪمل طور تي ماحول دوست هجي، اسان پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اي وي بسون ۽ عورتن جي لاءِ پنڪ بس سروس متعارف ڪرائي جيڪي هاڻ ڪاميابي سان هلي رهيون آهن، اي وي بسن مان ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي، فيول خرچن ۾ به خاطر خواهه بچت ٿيندي.

هن وڌيڪ چيو ته اسان عورتن کي بااختيار بنائڻ جي لاءِ اي وي اسڪوٽر اسڪيم آڻي رهيا آهيون، هينئر تائين 8 هزار کان وڌيڪ عورتن درخواست ڏني آهي، هڪ فوڊ چين ڪمپني به تربيت ۾ اسان سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن عورتن کي مڪمل طور تي تيار ڪيو وڃي اها صرف ٽرانسپورٽ نه، اها سماجي انقلاب جي بنياد آهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ ڪراچي کان سکر هاءِ اسپيڊ ريل منصوبي تي به ڪم جاري آهي، سرمائيڪاري کي هٿي ڏين جي لاءِ اسان اسپيشل اڪنامڪ زونز قائم ڪيا آهن جتي سرمائيڪارن کي 10 سالن تائين ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي، ڊالر جي قدر ۾ اضافي سبب تعميراتي لاڳت ۾ فرق ضرور آيو آهي،  پر حڪومت انهي چيلينج کي  منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي.