گندگي يا خراب هوا ۾ ساهه کڻڻ دماغ لاءِ خطرناڪ

هڪ نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گدلاڻ واري هوا ۾ ساهه کڻڻ نه رڳو ڦڦڙن کي نقصان پهچائيندو آهي، پر اهو عمل دماغ ۾ عام ٽيومرن جي خطري کي به وڌائي سگهي ٿي.

سائنسدانن تحقيق دوران هوا ۾ موجود ڪيترن ئي خراب ذرڙن جو جائزو ورتو، جيڪي عام طور تي ٽرئفڪ سان لاڳاپيل هوندا آهن، جيئن نائٽروجن ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ انتهائي ننڍڙا ذرڙا، جيڪي گهڻو ڪري شهري ماحول ۾ ملن ٿا.

هيءَ تحقيق جرنل "نيورالاجي” ۾ ڇپي آهي، جنهن مان خبر پئي آهي ته جيڪي ماڻهو اهڙي گدلاڻ جي اثر هيٺ هوندا آهن تن ۾ "ميننجيوما” نالي دماغ جي غير ڪينسر جهڙي ٽيومر جي پيدا ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ ٿين ٿا.

هي تحقيق ڪوپن هيگن ۾ قائم ڊينش ڪينسر انسٽيٽيوٽ سان لاڳاپيل محقق ڊاڪٽر اولا هيوڊفلڊ ڪئي آهي، جن جو چوڻ هو ته هوائي گدلاڻ جي مختلف قسمن جا صحت تي ناڪاري اثر سامهون اچي چڪا آهن ۽ انتهائي ننڍڙا ذرڙا ايترا ته نازڪ هوندا آهن جو رت ۽ دماغ جي وچ ۾ موجود حفاظتي رڪاوٽ کي پار ڪري سگهن ٿا ۽ سڌيءَ ريت دماغ جي خلين (بافتن) کي متاثر ڪري سگهن ٿا.

هن چيو ته تحقيق مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٽرئفڪ مان پيدا ٿيندڙ گدلاڻ ۽ ٻين ذريعن مان نڪرندڙ هوا ۾ ڊگهي عرصي تائين ساهه کڻڻ، ميننجيوما نالي دماغي ٽيومر جي وڌڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.