وزيراعظم شهباز شريف وزيراعليٰ مريم نواز سان گڏ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تي روانو

اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان گڏ صوبي جي ٻوڏ سب متاثر علائقن جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي.

روانگي کان اڳ ۽ فضائي جائزي جي دوران ٻوڏ صورتحال تي وزيراعظم کي چيئرمين نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر تفصيلي بريفنگ ڏني.

وزيراعظم کي پنجاب جي دريائن ۾ چاڙهه، پاڻي هيٺ آيل علائقن ۽ جاري ريسڪيو، رليف آپريشن بابت آگاهه ڪيو ويو. فضائي جائزي جي دوران وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم فوري طور تي کنيا وڃن.

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف به وزيراعظم سان گڏ لاهور کان نارووال رواني ٿي، سفر دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٻوڏ صورتحال ۽ رليف قدمن تي ڳالهيون ٿيون. چيئرمين اين ڊي ايم اي مسلسل کين بريفنگ ڏني.

نارووال پهچڻ تي وزيراعظم کي ٻوڏ سبب متاثر علائقن، متاثرين جي امداد، بحالي جي قدمن ۽  آئنده جي لائحه عمل تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي.