پنجاب ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترائي بند ٽٽي ويا، پاڻي آبادين ۾ داخل، هزارين ماڻهن جي محفوظ هنڌن ڏانهن لڏ پلاڻ جاري

لاهور: ڀارت طرفان پاڻي ڇڏڻ ۽ برساتن دوران ٻوڏ پنجاب ۾ وڏي پيماني تي تباهي مچائي ڇڏي آهي، ڪيترائي بند ٽٽڻ سبب پاڻي آبادين ۾ داخل ٿي ويو،، فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، هزاين ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.

ڪمشنر گوجرانواله ڊويزن نويد حيدر شيرازي ٻڌايو آهي ته ٻوڏ سبب 7 ڄڻا فوت، جنهن مان گجرات ۾ 3، سمبڙيال ۾ 2 ڄڻا، گوجرانوالا شهر ۽ نارووال ۾ هڪ هڪ شخص فوت ٿيو.

ستلج درياءَ ۾ ٻوڏ جي پاڻي جو دٻاءُ شديد هجڻ سبب بهاولپور ۾ ڳوٺ يوسف والا ۽ احمد والا جا عارضي بند ٽٽي ويا، بند ٽٽڻ سبب ڳوٺ احمد بخش ۽ ويجهيون آباديون به ٻوڏ جي پاڻي ۾ گهيرجي ويون آهن. پاڻي جي وهڪرن ۾ تيزي اچي وئي آهي جنهن سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل ڪپهه ۽ ٻيو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي. جڏهن ته درياءَ جي پيٽ ۾ آباد سوين ماڻهو اڃان تائين پنهنجن گهرن ۾ موجود آهن.

چناب درياءَ ۾ ڪوٽ مومن جي حدن ۾ 6 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو داخل ٿيو، پاڻي زرعي زمين ۽ ويجهين آبادين ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويو جڏهن ته اڄ 10 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو ڪوٽ مومن مان گذرڻ جو امڪان آهي.

ڊپٽي ڪمشنر سرگودها جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميه طرفان ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، رليف ڪيمپس فعال ۽ انتطامي ادارا هاءِ الرٽ آهن. 2500 ماڻهو ۽ 1700 کان وڌيڪ چوپايو مال محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.  ڊپٽي ڪمشنر سرگودها موجب وهڪرا گذرڻ کان پوءِ بحالي جي قدمن ۽ نقصان جا تفصيل جمع ڪيا ويندا.

ستلج درياءَ ۾ وهاڙي جي هنڌ تي لڊن ڀرسان موضع نون ۾ حفاظتي بند ٽٽي ويا جنهن سبب پاڻي ويجهن ڳوٺن ۾ داخل ٿيڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. راوي درياءَ ۾ هيڊ بلو واري هنڌ تي وچولي درجي جي ٻوڏ آهي، ريسڪيو اختياين جو چوڻ آهي ته هيڊ بلو جي هنڌ تي پاڻي جي سطح ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. ريسڪيو ٽيمن طرفان 30 ماڻهن کي محفوظ جڳهن تي منتقل ڪيو ويو آهي.

نوشهروفيروز ۾ ڪنڊيارو ڀرسان سنڌو درياءَ ۾ زمينداري بند ٽٽي ويو، دريا جو بند ٽٽڻ سبب پاڻي بچاءُ بند سان ٽڪرائجي ويو جنهن سبب ڪچي جي علائقي ۾ سوين ايڪڙ تي پوکيل ڪپهه، تر، جوار کان علاوه ٻيو فصل ۽ 5 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، پاڻي هيٺ آيل علائقن مان ماڻهن جي لڏ پلاڻ جو سلسلو جاري آهي.

Floods have caused havoc in Punjabmany dams have brokenwater has entered the settlements