ڀارت ۾ تيار ڪيل سوزوڪي جي پهرين اليڪٽرڪ ڪار جيڪا ” جپان سميت سئو ملڪن ۾ ايسڪپورٽ ٿيندي

نئين دهلي : ڀارتي وزيراعظم نريندي مودي چيو آهي ته ”اڄ کان ڀارت ۾ ٺهيل اليڪٽرڪ گاڏيون 100 ملڪن کي ايڪسپورٽ ڪيون وينديون.“
گجرات ۾ هڪ تقريب سان خطاب ڪيو هن ڀارت، جپان ۽ گاڏين جي ڪمپني ماروتي سوزوڪي کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ”2012 ۾ جڏهن مان گجرات جو وڏو وزير هئس تڏهن اسان ماروتي سوزوڪي کي هنسلپور ۾ زمين الاٽ ڪئي هئي، ان وقت به ميڊ اِن انڊيا جو ويزن هو.“
دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته مودي جو چوڻ هو ته ”سوزوڪي جپان اڄ ڀارت ۾ گاڏين جي مينوفڪچرنگ ڪري رهي آهي ۽ جيڪي گاڏيون ٺهي رهيون آهن، اهي وري واپس جپان کي ايڪسپورٽ ٿي رهيون آهن.“
هن چيو ته مسلسل چئن سال کان ماروتي سوزوڪي ڀارت جي سڀ کان وڏي ڪار ايڪسپورٽر آهي ۽ ”اڄ کان اي وي ايڪسپورٽ کي به ان ئي بلندي تي وٺي وڃڻ جي تياري ٿي رهي آهي، هاڻي دنيا جي درجنين ملڪن ۾ جيڪا اي وي هلندي ان تي ميڊ اِن انڊيا لکيل هوندو.“
واضح رهي ته مودي سوزوڪي جي پهرين عالمي سطح واري بيٽري اليڪٽرڪ گاڏي”اي ويٽارا“ جي ڳالهه ڪري رهيو هو، جنهن کي اڱاري ڏينهن سندس طرفان باظابطا طور متعارف ڪرايو ويو.
ڀارت جي پي ايم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ان گاڏيءَ کي ”يورپ ۽ جپان سميت 100 کان وڌيڪ ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ ڪيو ويندو.“
ڀارت چاهي ٿو ته سوزوڪي اليڪٽرڪ گاڏين جي تياري لاءِ ”عالمي مرڪز جو ڪردار ادا ڪري.“