پشاور: خيبر پختونخواه جي ڏکڻ علائقن ۾ ٻن نون پوليو ڪيسن جي تصديق ٿي آهي.نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر موجب، پوليو کان متاثر ٻار ٽانڪ ضلعي ۽ اتر وزيرستان مان آهن.نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر موجب، صوبي جي ڏکڻ علائقن ۾ پوليو جي صورتحال پريشان ڪندڙ آهي. ايندڙ مهيني سڄي ملڪ ۾ هڪ خاص پوليو مخالف مهم شروع ڪئي ويندي.