اوگرا گيس جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ملڪ ۾ گيس جي قيمتن ۾ 14 سيڪڙو تائين واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اوگرا طرفان سوئي ناردرن ۽ سوئي سدرن جي هلندڙ مالي سال جي لاءِ ضروري روينيو جي درخواستن تي فيصلو جاري ڪيو ويو، فيصلي موجب سوئي ناردرن ۾ گيس جي سراسري قيمت ۾ 14 سيڪڙو اضافي جي منظوري ڏني وئي آهي، گيس جي في ايم ايم بي ٽي يو سراسري قيمت 86 روپيا 93 پيسا اضافي کانپوءِ 686 روپيا 77 پيسا مقرر ڪئي وئي.