حڪومت پاران عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرائڻ لاءِ سانباها

اسلام آباد: حڪومت جشن آزادي جي موقعي تي عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرائڻ لاءِ سندرا ٻڌي ورتا، پيٽروليم ڊويزن تيل جي اگهن ۾ واڌ جون سفارشون ناڻي کاتي ڏانهن اُماڻي ڇڏيون، ذريعن موجب پئٽرول 50 پئسا في لِٽر مهانگو ڪرڻ جي تجويز، لائيٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ هڪ – هڪ رُپيا واڌ جي سفارش، ڊيزل اڍائي رُپيا مهانگو ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي، وزيراعظم جي منظوري بعد پيٽروليم شين جي نون اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.