افغانستان ۾ امن جو مطلب پاڪستان ۾ امن آهي، افغان تڪرار ۾ پاڪستان جو ڪير به فيورٽ ناهي:آرمي چيف

ڪراچي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوده چيو آهي ته افغانستان ۾ امن جو مطلب پاڪستان ۾ امن آهي، افغانستان جي تڪرار ۾ پاڪستان جو ڪير به فيورٽ ناهي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان پاڪستان ۾ مقرر جرمني، اٽلي ۽ هالينڊ جي سفيرن ملاقات ڪئي، جڏهن ته فرانس جي وقتي سفير به هن ملاقات ۾ شريڪ هو، آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ مختلف مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، علائقائي سيڪيورٽي تي تفصيلي ڳالهيون به ٿيون، جڏهن ته افغانستان جي صورتحال ۽ يورپي يونين سان لاڳاپن بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، آرمي چيف چيو ته اسان جي خواهش آهي ته صرف افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام آڻڻ جو مقصد حاصل ڪيو وڃي، پاڪستان يورپي يونين سان گڏ پنهنجن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏيئي ٿو، اسان مختلف شعبن ۾ گڏيل مفادن تحت يورپي يونين کان سهڪار وڌائڻ چاهيون ٿا، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سان ملاقات ڪندڙ سفيرن خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو، غير ملڪي سفيرن هر سطح تي پاڪستان سان گڏ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش به ظاهر ڪئي..