تعليم جي صوبائي وزير جي ضلعي جا 1033 اسڪول بند هجڻ جو انڪشاف

عمرڪوٽ:تعليم کاتي عمرڪوٽ پاران ضلعي جي پرائمري اسڪولن بابت تفصيلي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ضلعي ۾ 1033 يعني ھڪ ھزار 33 پرائمري اسڪول بند پيل ھجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. بند پيل پرائمري اسڪولن ۾ 726 بوائز ۽ 307 نياڻين جا گرلس پرائمري اسڪول شامل آهن. ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڪُل 342 پرائمري اسڪولن کي زبون حال ڄاڻائي خطرناڪ قرار ڏنو ويو . ضلعي جي ڪُل 1515 پرئمري اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ وارا تفصيل به رپورٽ ۾ شامل آهن. ضلعي ۾ ڪُل 2550 پرائمري اسڪول موجود,ضلعي ۾ استادن جو ڪُل تعداد 2357 ڄاڻايل آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاھ حوالي ڪئي ويندي.