ڪراچي: 106 ورهين جي عورت ڀارت جي خطرناڪ ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪراچي: ڪراچي واسڻ 106 ورهين جي عورت ڪورونا جي خطرناڪ ڀارتي ويرنيٽ ڊيلٽا کي شڪست ڏئي ڇڏي، حسين بي بي جي صحتياب ٿيڻ بعد اسپتا ۾ ان جي سالگرهه جو ڪيڪ به ڪاٽيو ويو، تقريب ۾ ڊاڪٽرز ۽ نرسز کان علاوه عورت جي مٽن مائٽن به شرڪت ڪئي، ڪراچي جي 106 ساله خاتون حسين بي بي بينظير ميڊيڪل ڪاليج لياري جي تحت هلندڙ ڪووڊ سينٽر ۾ علاج هيٺ هئي، جڏهن ته هن کان علاوه ساڳئي اسپتال ۾ هڪ 5 ورهين جو ٻارڙو به ڀارتي ويرينٽ ڊيلٽا کي شڪست ڏني، واضح رهي ته هن کان اڳ ڪراچي جي هڪ سئو ساله شهري ڪورونا جي ويڪسين به لڳرائي هئي.