آمريڪي رياست الاسڪا ۾ زلزلي جا لوڏا، سونامي جي وارننگ جاري

الاسڪا: آمريڪي رياست الاسڪا جي ويجهو سمنڊ ۾ 8.2 شدت جي زلزلي کان پوءِ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب الاسڪا رياست جي ويجهو سمنڊ ۾ 8.2 شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو پر ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي ڪابه اطلاع ناهي ملي. زلزلي جو مرڪز 91 ڪلو ميٽر پري ۽ گهرائي 29 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته زلزلي کان پوءِ الاسڪا رياست جي لاءِ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب هينئر تائين زلزلي جا 2 آفٽر شاڪس اچي چڪا آهن جنهن جي شدت 6.2 ۽ 5.6 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته پوليس ڪوڊيڪ ڳوٺ جي رهواسين کي ڪنهن محفوظ هنڌ طرف منتقل ٿيڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.