فائزر جون ٻه خوراڪون ڊيلٽا ويرينٽ خلاف سڀ کان وڌيڪ موثر ثابت

لنڊن: برطانوي تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته فائزر ويڪسين جون ٻه خوراڪون ڊيلٽا ويرينٽ جي خلاف 88 سيڪڙو موثر رهيون.
برطانوي تحقيق ۾ اِها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ايسٽرا زينيڪا ويڪسين جون 2 خوراڪون ڊيلٽا ۽ ويرينٽ جي خلاف 60 سيڪڙو موثر رهيون جڏهن ته فائزر ويڪسين جي هڪ خوراڪ 36 سيڪڙو ۽ ايسٽرا زينيڪا جي هڪ خوراڪ 30 سيڪڙو موثر رهي.
ٻئي پاسي برطانيا ۾ گذريل ڏينهن ڪورونا جي 44 هزار 104 ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 73 فوتگيون ٿيون جڏهن ته فرانس ۾ 21539 ڪيس آڏو آيا.
ان کان سواءِ چلي روسي ڪورونا ويڪسين اسپوٽنڪ فائيو جي هنگامي استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي