ڄامشورو ۾ رولوڪتن 17 ٻارن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو

ڄامشورو: ڄامشورو ويجهو ڀريا وليج ۾ راند ڪندڙ ٻاڙن تي ڪتن حملو ڪري 17 معصوم ٻارڙن کي زخمي ڪري وڌو، ڪتن جي حملي ۾ زخمي ٿيل ٻارن کي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو. ڪُتي ڏاڙهيل زخمي ٻارن ۾ ڪومل، جنيد،آيان، محمد،بلال،عشاء، صدف، شوڪت علي، اقرار علي، فاطمه، فرحان ۽ ٻيا شامل آهن. وارثن چيو ته اسان جا ٻار غير محفوظ آهن، رولو ڪتن کي ماري ٽائون آفيسر خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.