ڪشمير به فلسطين جيترو پراڻو مسئلو آهي: سلامتي ڪائونسل جو صدر

اسلام آباد: گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ڪشمير کي به فلسطين جيترو پُراڻو مسئلو قرار ڏئي ڇڏيو، اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران جنرل اسيمبلي جي صدر وولڪن بوزڪر چيو آهي ته ڪشمير ۽ فلسطين جهڙن مسئلن جو حل گڏيل لائحه عمل جوڙڻ سان ئي ملندو، فلسطين مسئلي تي ڳالهين جي سخت ضرورت آهي ته جيئن اسرائيلي قبضو ختم ٿئي، ڳالهين سان ئي 2 خودمختيار رياستون قائم ٿي سگهن ٿيون، پڪ ڏياريان ٿو ته وچ اوڀر ۾ امن جي بحالي تائين جنرل اسيمبلي آرام سان نه ويهندي، جنرل اسيمبلي جي صدر سان ملاقات ۽ ڪنوينشن کي خطاب دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير مسئلو ڏهاڪن کان سلامتي ڪائونسل ۾ پيل آهي، ڪشمير مسئلو سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءُ ۽ ڪشميرين جي خواهش پٽاندڙ حل ڪيو وڃي، جنرل اسيمبلي جي صدر کي ڪشمير مسئلي بابت آگاهي ڏني، ڀارت طرفان مظلوم ڪشميرين تي ظلم ڪيو پيو وڃي.