اين اي 249 ننڍي چونڊ ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل

ڪراچي : پي ٽي آءِ اين اي 249 تي ننڍي چونڊ ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ اُميدوار امجد آفريدي طرفان جمع ڪرايل درخواست ۾ ضمني اليڪشن ڌانڌلي سٽيل قرار، درخواست ۾ پي ٽي آءِ موقف اختيار ڪيو آهي ته ننڍي چونڊ کان اڳ تڪ جا 17 ووٽ ٻين شهرن ۾ منتقل ڪيا ويا، تعليمي کاتي مان من پسند آفيسرز کي گهرائي پرزائيڊنگ آفيسر بڻايو ويو، ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنز تي پولنگ ايجنٽس کي فارم 45 نه ڏنا ويا.