آرمي چيف جي سعودي چيف آف جنرل اسٽاف سان ملاقات

رياض: رياض ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سعودي آرمڊ فورسز جي چيف آف جنرل اسٽاف سان ملاقات ڪئي ۽ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال، افغان امن عمل ۽ دفاعي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ افغان امن عمل، بچاءَ ۽ سلامت ۽ فوجي سهڪار بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آرمي چيف ٻنهي هٿياربند فوجن جي وچ ۾ وڌيڪ سهڪار وڌائڻ واري ضرورت تي زور ڏنو. جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جو سهڪار خطي ۾ امن ۽ سلامتي تي مثبت اثر ڇڏيندو، سعودي چيف آف جنرل اسٽاف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جا ٿورا مڃيا.