حيدرآباد ۾ برطانوي قسم جي خطرناڪ ڪورونا وائرس جي تصديق

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ڪورونا وبا جي ٽئين لهر دوران 40 سيڪڙو ڪيسز ۾ برطانوي قسم جي وائرس جي تصديق ٿي آهي.
لياقت ميڊيڪل يويورسٽي اينڊ هيلٿ سائنسز جي وائس چانسلر ۽ فزيشن ڊاڪٽر بيکارام صحآفين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته حيدرآباد ۾ ڪورونا وگهي فوتگين ۾ واڌ جو سبب ڪورونا جو يو ڪي ويرينٽ جي موجودگي آهي جيڪو تيزي سان پکڙجي رهيو آهي.
ڊاڪٽر بيکا رام موجب حيدرآباد ۾ برازيل يا آفريڪا جي وائرس جي جاچ جي لاءِ ٽيسٽ ڪيا پيا وڃن. شهري وڌ کان وڌ احتياط ڪن.
ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته حيدرآباد ۾ 3 ڏينهن جي دوران ڪورونا وائرس وگهي 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته هڪ هفتي جي دوران هڪ هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس سامهون آيا آهن.