صرف تحفن ۽ ڊونيشن تي نٿو ڀاڙي سگھجي، 3 ڪروڙ وئڪسين ڊوزخريد ڪرڻ جو معاھدو ڪيو آهي:ڊاڪٽر فيصل سلطان

اسلام آباد : رمضان جيان عيد به سادگي سان گذارڻي پوندي ته جيئن ڪورونا کي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي، صحت بابت وزيراعظم جي خصوصي معاون طرفان عوام کي هجوم ۾ نه وڃڻ ۽ ماسڪ لازمي پائڻ سوڌو ايس او پيز تي عمل جي اپيل، ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته 40 سالن کان وڌيڪ عمر جي شهرين لاءِ وئڪسينيشن جي رجسٽريشن شروع ٿي وئي، ملڪ ۾ ڪورونا وئڪسينيشن لاءِ 12 سئو وئڪسينيشن سينٽرز قائم ٿيل آهن، فيصل سلطان جو چوڻ آھي تھ صرف تحفن ۽ ڊونيشن تي نٿو ڀاڙي سگھجي، 3 ڪروڙ وئڪسين ڊوز خريد ڪرڻ جو معاھدو ڪري ورتو، وئڪسينيشن جي حوالي سان غلط ڳالھيون ھلي رھيون آھن، حڪومت تحفن ۽ ڊونيشن ۾ ملندڙ وئڪسين تي نھ پئي ڀاڙي پر ٽن ڪمپنين کان ويڪسين خريد ڪري رھيا آھيون، دنيا ۾ ويڪسين جي کوٽ آھي،