ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات، موسم خوشگوار ٿي وئي

اسلام آباد:  ملڪ جي مختلف علائقن ۾ کنوڻ سان گڏ ٿيندڙ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو آهي. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، لاهور سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ رات دير سان تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات پئي، جنهن کان پوءِ علائقن جو موسم خوشگوار ٿي ويو آهي ۽ گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي واقع ٿي آهي.

موسميات کاتي موجب اسلام آباد سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ اڄ به موسم جهڙالو رهندو. جڏهن ته تيز هوائن سان وڌيڪ برسات جو به امڪان آهي. گوجرانواله، ملتان، ڊي جي خان، بهاولپور ۽ بکر ۾ ڳڙو پوڻ جو به امڪان آهي. جڏهن ته ليه، لاهور، فيصل آباد، جهنگ، سرگودها ۽ ميانوالي ۾ به کنوڻ سان گڏ وڌيڪ برسات جو امڪان آهي.

بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ به اڄ موسم جهڙالو رهندو. زوب، زيارت، ڪوئته، قلات، نوڪنڊي، بارکهان ۽ خصدار ۾ کنوڻ سان گڏ برسات  جو امڪان آهي. سنڌ جي مختلف صلعن ۾ موسم وڌيڪ  گرم ۽ خشڪ رهندو. جڏهن ته سکر، لاڙڪاڻو ۽ جيڪب آباد ۾ طوفان سان گڏ برسات پئجي سگهي ٿي. خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ ڳڙي پوڻ سان گڏ برسات به پئي، جڏهن ته وڌيڪ برسات جو به امڪان آهي.

خيبرپختونخواهه جي علائقي چترال، مالاڪنڊ، بونير، ايبٽ آباد، مانسهره، پشاور ۽ مردان ۾ ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته صوابي، چارسده، ڪرم ايجنسي، ڪوهاٽ، بنون، ڊي آءِ خان ۽ وزيرستان ۾ برسات جو امڪان آهي.

گلگت بلتستان ۾ موسم جهڙالو رهڻ کان علاوه تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات پئجي سگهي ٿي ۽ ڪشمير ۾ به موسم جهڙالو رهڻ کان علاوه تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. ڪشمير جي ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جو به امڪان آهي.