سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران شهرين جي گمشدگي ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي پوليس مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ شهرين جي گمشدگي ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي پوليس مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کين بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏنا ته 4 سالن کان شهري گم آهي، پر پوليس ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي آهي، عدالت 22 اپريل تي جاچ آفيسر کي طلب ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا..