ڀارتي سرڪار ڪشمير ۾ پنهنجي ظلم کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري پئي: صدر عارف علوي

ڪراچي: صدر عارف علوي طرفان ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جي اظهار لاءِ آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت، اسيمبلي کي خطاب دوران صدر چيو آهي ته ڀارتي سرڪار ڪشمير ۾ پنهنجي ظلم کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي، ڀارت ڪشمير ۾ باهه سان کيڏي ٿو ۽ پنهنجي تباهي جو بٽڻ پاڻ دٻائي رهيو آهي، پاڪستان ڪشمير سوڌو ڀارت ۾ مسلمانن سان ٿيندڙ ظلم خلاف ڀرپور آواز اٿاريو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت ظلم ۽ جبر سان ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو، عالمي ميڊيا کي دعوت ڏيون ٿا ته حالتن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪشمير جا دورا ڪري، آزاد ڪشمير ۾ عالمي ميڊيا جي نمائندن لاءِ سمورا انتظام ڪيا ويندا، ڀارت عالمي ميڊيا کي والاريل ڪشمير جي ڪوريج ڪرڻ نه ڏيندو.