ڀارت ظلم ۽ ڏاڍ سان ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت ظلم ۽ جبر سان ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو، جرئت ۽ بهادري تي ڪشميري ڀائرن کي سلام پيش ڪريون ٿا، عالمي ميڊيا کي دعوت ڏيون ٿا ته حالتن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪشمير جا دورا ڪري، آزاد ڪشمير ۾ عالمي ميڊيا جي نمائندن لاءِ سمورا انتظام ڪيا ويندا، ڀارت عالمي ميڊيا کي والاريل ڪشمير جي ڪوريج ڪرڻ نه ڏيندو، اسان کي اهو ئي فرق ظاهر ڪرڻو آهي..