ڪورونا ويڪسين جي پهرين کيپ ايندڙ هفتي پاڪستان پهچڻ جو امڪان

اسلام آباد: عالمي وبا ڪورونا وائرس جي ويڪسين جي پهرين کيپ ايندڙ هفتي پاڪستان پهچڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.
صحت جي وزارت جي اعليٰ عملدارن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي جو خاص جهاز اڄ ڪورونا جي ويڪسين بيجنگ روانو ٿيندو ۽ چين کان اها ويڪسين مفت ۾ ورتي ويندي.
عملدارن موجب ايندڙ هفتي جي شروعات کان پاڪستان پهچندڙ کيپ ۾ پهريان ويڪسين هيلٿ ورڪرز کي هئين ويندي.
ان کان علاوه پرائيويٽ سيڪٽر ۾ پاڪستان ۾ ايندڙ 5 مهينن تائين به ويڪسين پهچڻ جا امڪان گهٽ آهن.