براڊ شيٽ سان في الحال ڪوبه معاهدو نه آهي: شهزاد اڪبر

اسلام آباد: براڊ شيٽ سان في الحال ڪوبه معاهدو نه آهي، موجوده حڪومتي دور ۾ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي پر حڪومت ڪيس هارائي وئي، احتساب بابت وزيراعظم جي خصوصي معاون شهزاد اڪبر چيو آهي ته براڊ شيٽ سان 2000ع ۾ ٿيل معاهدو 2003ع ۾ رد ٿيو، 2007ع ۾ براڊ شيٽ سان ٻيهر رابطو ٿيو، پهرين 1.8 ۽ پوءِ 1.5 ملين ڊالرز جي رقم ادا ڪئي وئي، 2009ع ۾ نئون نوٽيس ڏنو ويو ته غلط ڪمپني کي پئسا ڏنا ويا، جنهن بعد معاملي تي ڪارروائي شروع ٿي، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ براڊ شيٽ تي سوال ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي نواز ليگ ايم اين اي احسن اقبال جو گوڙ ڪيو.