سعودي عرب ۾ سماجي ڪارڪن کي 6 سال قيد جي سزا

رياض: سعودي عرب ۾ سياسي نظام ۽ قومي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي الزام ۾ سماجي ڪارڪن کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
سعودي عرب جي هڪ عدالت عورتن ۽ انساني حقن لاءِ ڪارڪن لجين الهذلول کي 5 سال 10 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي.
31 ورهين جي لجين الهذلول سعودي عرب ۾ عورتن کي ڪار هلائڻ جي اجازت ڏيڻ جي حق ۾ مهم هلائي رهي هئي، جڏهن ته هوءَ سعودي عرب ۾ مرداڻي سرپرستي جي نظام خلاف جاري مهم جو حصو به رهي چڪي آهي.
سعودي ميڊيا موجب لجين الهذلول کي اها سزا ملڪ جي سياسي نظام ۽ قومي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي الزامن تي ڏني وئي آهي.
هوڏانهن سعودي عدالت جي اهڙي فيصلي تي عالمي سطح تي سخت مذمت ڪئي پئي وڃي.