شيخ اياز سنڌ ڌرتيءَ جو اهو شاعر آهي جنهن سنڌي شاعري جي بيٺل تلاءَ ۾تحرڪ پيدا ڪري ان کي نئين دڳ لاتو ، سندس شاعري ۾ مزاحمت سان گڏ حسن ۽ فطرت جا ڪمال رنگ ملن ٿا. هو ڄائو ته سنڌ جي سهڻيَ شهر شڪارپور ۾ هو پر سندس اڏام عالمگير سطح جي هئي . هن نه رڳو پنهنجي شاعريءَ ۾ڌرتيءَ جي ماڻهن جي جذبن ۽ احساسن جي اپٽار ڪئي آهي پر ڀٽائيءَ وانگرسڄي عالم جو خيرپڻ گهريو آهي . شيخ اياز سنڌي شاعريءَ جي مڙني صنفن ۾ نواڻ آندي ۽ هو وقت بوقت نوان تجربا ڪندو ۽ شاعريءَ کي نوان لاڙا ڏيندو رهيو.
2 مارچ 1923 ع تي شڪارپور۾ شيخ غلام حسين جي گهر ۾ جنم وٺندڙ مبارڪ علي اڳتي هلي سڄي دنيا ۾ شيخ اياز جي نالي سان شهرت حاصل ڪئي.شيخ اياز پرائمري کان انٽر تائين پنهنجي شهر ۾ تعليم پرائي، بي اي جي ڊگري ڊِي جيَ ڪاليج ڪراچي مان ورتي ، 1947_48 عيسوي ۾ ايل ايل بي ڪئي ۽ پوءِ وڪالت جي شعبي سان واڳجي ويو.
شيخ اياز جو شاعريءَ ڏانهن لاڙوشروع کان ئي هو، ننڍي لاڪون ئي شعر چوڻ شروع ڪيا ، سندس شاعري ۾ استاد کيئل داس فاني هو.هو ادبي سنگت سميت مختلف ادارن، اخبارن ۽ رسالن ۾ اهم عهدن تي به رهيو ،1976 ۾ کيس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو وائيس چانسلر به مقرر ڪيو ويو.
شيخ اياز سنڌي ادب جي جهول ۾ سوين ڪتاب وڌا ، جڏهن ته هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جو منظوم اردو ترجمو پڻ ڪيو آهي ۽ انگريزي سميت مختلف ٻولين جي ادب مان ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ادب کي ارپيا آهن.
شيخ اياز کي قلمي پورهئي تي ڪيترائي قومي ۽ عوامي ايوارڊ ۽ اعزاز پڻ ڏنا ويا ،جڏهن ته مزاحمتي شاعريءَ تي هن کي جيل جون سختيون به سهڻيون پيون.
اياز جيئن ته پيشي جي لحاظ کان وڪيل هو تنهنڪري هن پنهنجي وهيءَ جا ڪيترائي ورهيا سکر شهر ۾وڪالت ڪندي گذاريا ، عمر جي پڇاڙڪي ڏينهن ۾ هو ڪراچيءَ ۾ آباد هو ،جتي هو دل جي بيماري ۽ ٻين عارضن ۾ مبتلا رهيو ۽ انهن بيمارين سان جهيڙيندي ساهه جو سڳو ٽٽڻ ڪري هو 28 ڊسمبر 1997 ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو، سندس مڙهه کي ڀٽ شاهه تي لاکيڻي لطيف جي هنج ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو ، سنڌي ادب ايازَ جي ڪيل پورهئي کي ڪنهن به ريت وساري نه ٿو سگهي .