سنڌ ڪابينا ۾ صلاحڪارن جي شرڪت خلاف درخواست تي ٽن هفتن ۾ جواب طلب

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، نثار کهڙو، اعجاز جکراڻي ۽ خاص معاونن کي وزيرن جا اختيار ڏيڻ ۽ سندن سنڌ ڪابينا ۾ شرڪت ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ حڪومت کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ ٽن هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته صلاحڪارن جي ڪابينا ۾ شرڪت ۽ کين وزيرن جا ختيار ڏيڻ قانون جي خلاف آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، نثار کهڙو، اعجاز جکراڻي ۽ خاص معاونن کي وزيرن جا اختيار ڏيڻ ۽ سندن سنڌ ڪابينا ۾ شرڪت ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي هلائي.درخواستگذار محمود اختر نقوي موقف اختيار ڪيو آهي ته صلاحڪارن جي ڪابينا ۾ شرڪت ۽ کين وزيرن جا ختيار ڏيڻ قانون جي خلاف آهي.عدالت سنڌ حڪومت کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ ٽن هفتن جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.