گهٽ آمدني باوجود بهتر پرورش ٻارن کي ذهين بڻائي سگهي ٿي

ميري لينڊ: غريب، گهٽ آمدني ۽ پوئتي پيل گهراڻن ۾ جيڪڏهن ٻارن جي مناسب سنڀال ۽ تربيت ڪئي وڃي ته بلوغت تائين پهچندي پهچندي ٻين جي ڀيٽ ۾ انهن ٻارن جو آءِ ڪيو وڌيڪ بلند ٿي سگهي ٿو، ان ڏس ۾ ميري لينڊ اسڪول آف ميڊيسن جي سائنسدانن عالمي ٽيمن سان گڏجي هڪ ڊگهي وقت تائين 1600 ٻارن جو مطالعو ڪيو آهي، برازيل ۽ ڏکڻ آفريقا سان تعلق رکندڙ انهن ٻارن جي پيدائش کان وٺي بلوغت تائين جائزو ورتو ويو.
ان اهم تحقيق جو تفصيل مشهور تحقيقي رسالي لينسٽ ۾ شايع ٿي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڀلي ٻارن جي پيدائش وقت کان اڳ ٿي هجي، انهن جو وزن گهٽ هجي يا وري ڇو نه شديد غربت هجي، بهتر سنڀال، جسماني ۽ دماغي ڌيان ۽ بهتر پرورش ان نقصان جو ازالو ڪري سگهي ٿي، ان تحقيق ۾ ٻارن جي پرورش ۾ والدين جي رويي کي خاص طور ڏٺو ويو هو، جيڪي ٻار غربت، گهٽ وزن ۽ گهٽ وقت ۾ پيدا ٿيا هئا انهن تي ڌيان نه ڏنو ويو، انهن جو قد ٻين جي ڀيٽ ۾ گهٽ ئي رهيو پر اهڙيءَ طرح جي شروعاتي حالتن جو شڪار جن ٻارن کي بهتر پرورش ملي انهن جو آءِ ڪيو بلند هو، اهي معاشرتي طور تي اڪيلا نه هئا ۽ پنهنجي بهترين دماغي ڪيفيت تي رهيا، مجموعي طور تي ٻنهي گروهن جي آءِ ڪيو ۾ 6 پوائنٽس جو فرق هو.
پوري دنيا ۾ پنجن سالن کان گهٽ 25 ڪروڙ ٻار پنهنجي شروعاتي عمر ۾ مٿي بيان ڪيل مسئلن جو شڪار هوندا آهن ۽ ان جو خوفناڪ نقصان کڻندا آهن، تنهن ڪري ضروري آهي ته والدين ننڍن ٻارن جي هر ممڪن بهترين پرورش ڪن.