اپوزيشن نيب قانون ۾ ترميم لاءِ تجويزن جِي آڙ ۾ اين آر او گهريو: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان پارٽي اڳواڻن ۽ ترجمانن کي اپوزيشن جون تجويزون سامهون آڻڻ جِي هدايت ڪندي چيو ته اپوزيشن چوي ٿي ته هڪ ارب کان گهٽ ڪرپشن تي نيب ڪارروائي نه ڪري ۽ ڪرپشن تي نااهلي جِي سزا نه هجَي. اپوزيشن جِي تحريڪ جو ٻيو مرحلو به ناڪام ٿيندو، سندن تحريڪ رڳو اين آر او لاءِ آهي، اپوزيشن نيب قانون ۾ ترميم لاءِ تجويزن جِي آڙ ۾ اين آر او گهريو: وزيراعظم چيو ته نوازشريف ۽ مولانا فضل الرحمان کي هر فورم تي وائکو ڪيو وڃي، حڪومتي ترجمانن اجلاس ۾ چيو ته فضل الرحمان اثاثا ٺاهيا آهن، کيس نيب آڏو سَرينڊر ڪرڻو پوندو، وزيراعظم چيو ته ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي.