آمريڪي چونڊن ۾ جوبائيڊن جي ڪاميابي ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي شڪست جو باضابطه اعلان

واشنگٽن : آمريڪي اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊن ۾ ڊيمو گريٽڪ اميدوار جوبائيڊن کي ڪامياب ۽ موجده صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي شڪست جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ٽي نومبر تي ٿيندڙ صدارتي چونڊن جي نتيجن جي 50 رياستن ۽ ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا صدارتي چونڊن جي نتيجن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، اليڪشن ڪميشن جي نتيجن موجب ڊيموگريٽس 8 ڪروڙ 13 لک جڏهن ته ري پبلڪنز 7 ڪروڙ 42 لک ووٽ حاصل ڪيا آهن، نتيجن موجب جوبائيڊن کي 538 اليڪٽورل ووٽن مان 306 جڏهن ته ٽرمپ 232 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪيا آهن.