اپينڊڪس جو علاج اينٽي باڊيز وسيلي ممڪن آهي؛ تحقيق

واشنگٽن؛ عام طور تي اپينڊڪس جي بيماري کي لاعلاج سمجهيو ويندو آهي ۽ ان بيماري ۾ مبتلا ماڻهو آپريشن وسيلي ان کي ڪڍرائي ڇڏيندا آهن، پر هڪ تحًقيق ۾ معلوم ٿيو آهي ان جو علاج اينٽي باڊيز وسيلي ٿي سگهي ٿو.
اها ڳالهه امريڪا ۾ ٿيل هڪ تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
تحقيق دوران هڪ هزار کان وڌيڪ مريضن جو علاج دوائن وسيلي ڪيو ويو، جنهن سان گهڻن ماڻهن کي آرام مليو.