ڪورونا وائرس زڪام ۽ ساهه جي بيمارين جيان هڪ موسمي بيماري بڻجي سگهي ٿو: سائنسدان

لنڊن: سائنسدانن جو خيال آهي ته سياري ۽ زڪام جو موسم هاڻ(سياري، زڪام ۽ ڪورونا وائرس) جو موسم بڻجي سگهي ٿو.لبنان ۽ قطر ۾ سائنسدانن جي جاچ مطالعي موجب ٿڌي موسم وارن علائقن ۾ سياري جي دوران ڪورونا 19 يعني ڪورونا وائرس جي پکيڙ تمام وڌيڪ هئي. جيڪڏهن اهو پيٽرن جاري رهيو ته هي وائرس هر سال سياري ۾ تيزي سان پکڙجندو ۽ هي زڪام ۽ ساهه جي ٻين بيمارين جيان هڪ موسمي بيماري بڻجي سگهي ٿو. سائنسدانن جو خيال آهي ته موسمي وائرس مثال طور زڪام سياري ۾ ان لاءِ وڌيڪ ٿيندو آهيڇو ته هتي جا ماڻهو گهڻو ڪري بند جڳهين تان هڪ ٻئي جي ويجهو گذرندا آهن ۽ اسان جي قوت مدافعت به سياري جي دوران ڪمزور هوندي آهي. جڏهن ته زڪام جو وائرس گهٽ گرمي پد ۾ وڌيڪ مضبوط هوندو آهي. ڪورونا وائرس جي حوالي سان ملندڙ تازي ڄاڻ موجب ٻڌايو پيو وڃي ته هي وائرس به زڪام جي وائرس جيان پکڙجندو آهي.