ملڪ ۾ سمورا اسڪول، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز 15 سيپٽمبر کان مرحليوار کولڻ جو فيصلو

اسلام آباد :سنڌ سوڌو سموري ملڪ ۾ ميٽرڪ جي ڪلاسز سوڌو يونيورسٽيز ۽ ڪاليجز 15 سيپٽمبر کان کولڻ جو فيصلو، وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ بين الصوبائي تعليمي وزيرن جي اجلاس دوران 15، 22 ۽ 30 سيپٽمبر تي مرحليوار تعليمي ادارا کولڻ تي اتفاق، تعليمي ادارا کولڻ لاءِ طئه ٿيل تاريخ کان 2 ڏينهن اڳ پاليسيز جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس گهرائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ به تعليمي ادارا مرحليوار کولڻ جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته 22 سيپٽمبر تي 6 کان اٺين جماعت ۽ 30 سيپٽمبر تي پري پرائمري ۽ پرائمري اسڪولز کوليا ويندا، صوبن ۾ تعليم کاتي سان گڏجي مانيٽرنگ ڪميٽيز جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اُهي ڪميٽيز روزانو بُنيادن تي اسڪولن جو معائنو ڪنديون.