دنيا ۾ ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري،هڪ ڏينهن ۾ 5 هزار 352 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع

ڪراچي: سموري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري آهن، هڪ ڏينهن دوران 5 هزار 352 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿي ويون، جڏهن ته 2 لک 21 هزار نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 2 ڪروڙ 51 لک 8 هزار ٿي ويو آهي. برازيل ۾ هڪ ڏينهن دوران هڪ هزار 81 ڪورونا مريض حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 44 هزار 780 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن بعد ملڪ ۾ متاثرن جو انگ 34 لک 54 هزار 652 ٿي ويو آهي. ڀارت ۾ به وڌيڪ 980 ڄڻا ڪورونا وگهي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 69 هزار 196 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 28 لک 35 هزار 822 ٿي ويو آهي. آمريڪا ۾ هڪ ڏينهن دوران 858 فوتگيون ۽ 32 هزار 230 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا،جنهن بعد ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيل آمريڪي شهرين جو انگ 56 لک 88 هزار 204 ٿي ويو آهي. ميڪسيڪو ۾ 751 مريض عالمي وبا سان جهيڙيندي حياتيون وڃائي ويٺا، ڏکڻ آفريڪا ۾ 159، ايران ۾ 153، اسپين ۾ 127، روس ۾ 117.فلپائن ۾ 111، عراق ۾ 85، انڊونيشيا ۾ 69، بنگلاديش ۾ 41 ۽ سعودي عرب ۾ 36 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا. عالمي وبا سبب هيل تائين حياتيون وڃائيندڙن جو مجموعي انگ 7 لک 88 هزار 871 ٿي ويو آهي، جڏهن ته هڪ ڪروڙ 51 لک 88 هزار 800 مريض ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.