شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس ڀارتي حڪومت جون سفارتي ناڪاميون ظاهر ڪري ڇڏيون

بيجنگ: شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ ڀارتي حڪومت جون سفارتي ناڪاميون عالمي سطح تي ظاهر ٿي ويون آهن.

ڀارتي هنڊو انتهاپسند پارٽي بي جي پي جي ڪٺ پتلي وزيراعظم نريندر مودي جي شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس مان واپسي تي باڊي لينگويج سڀ ڪجهه ظاهر ڪري ڇڏيو. ڀارتي وزيراعظم مودي جي چهري تي مايوسي، سفارتي اڪيلائپ ۽ شڪست جا آثار چٽا نظر اچڻ آيا.

اهڙي طرح اجلاس جي دوران مصنوعي مسڪراهٽون به ڀارت جي ناڪام پرڏيهي پاليسي تي پردو وجهڻ ۾ ناڪام رهيون. جڏهن ته ايس سي او جي سربراهي اجلاس جي دورانه غير پيشه وارانه رويي مودي جي اهليت تي به سوال اٿاري ڇڏيا آهن. عالمي اڳواڻن سان غير ذميوارانه رويو ڀارت جي سفارتي مايوسي کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ثابت ٿيو آهي.

ايس سي او اجلاس جي دوران ڀارتي وزيراعظم مودي چين ۽ روس جي صدرن سان بهترين لاڳاپن جو ڊرامو ڪندو رهيو. چين ۽ روس سان ڏيکارڻ لاءِ هٿ ملائڻ ۽ لاڳاپن جو مصنوعي مظاهرو زميني حقيقتن کي تبديل نٿو ڪري سگهي. مودي عسڪري محاذ تي شڪست ۽ آمريڪي ٽيرف سان وڌندڙ معاشي دٻاءُ کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ مصروف نظر آيو.

سرحدي تڪرار ۽ ڀارتي فوجين جا لاش ڀارت ۽ چين جي لاڳاپن جي حقيقت آهن. ڳري عسڪري نقصان کان پوءِ نريندر مودي چين جي سامهون گوڏا کوڙڻ تي مجبور آهي. مودي جون جنگي پاليسيون ۽ دهشتگردي جي سهولتڪاري ڀارت جي ساک کي نه برداشت ڪرڻ جوڳو نقصان پهچايو آهي. دنيا هاڻ ڀارتي حڪومت جي کوکلين دعوائن ۽ چڙ ڏياريندڙ بيانن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سفارتي محاذ تي رسوائي جي نشاني بڻجي چڪو آهي.