اسلام آباد: آگسٽ جي مهيني دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0.65 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ٿي، جڏهن ته گذريل مهيني اها شرح 2.99 سيڪڙو تائين هئي، جولاءِ کان آگسٽ تائين مهانگائي جي شرح 3.53 سيڪڙو رهي آهي.
رپورٽ موجب گذريل مهيني ۾ ٽماٽن جي قيمت ۾ 19.3 سيڪڙو ۽ بصرن ۾ 14.46 سيڪڙو واڌ ٿي، هڪ مهيني دوران بيدن 12.84 سيڪڙو، جڏهن ته مرغي 4.16 سيڪڙو مهانگي ٿي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسپتالن جون خدمتون، تعليم، لانڊري ۽ ڊاڪٽرن جي فيسن ۾ پڻ اضافو ٿيو، ساڳي وقت ميوا 21.16 سيڪڙو ۽ ڀاڄيون 18.48 سيڪڙو تائين سستيون ٿيون آهن. ان سان گڏ کنڊ جي قيمت ۾ به 5.49 سيڪڙو گهٽتائي آئي، جڏهن ته موٽر فيول، بجلي ۽ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ به گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي.
اداري موجب هفتيوار بنيادن تي ضروري شين جي قيمتن ۾ 0.62 سيڪڙو ۽ سالياني بنيادن تي 3.57 سيڪڙو واڌ ٿي. گذريل هفتي دوران 6 ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي، 27 ۾ استحڪام، جڏهن ته 18 شين ۾ واڌ رڪارڊ ٿي.
مهانگيون ٿيندڙ شيون ۾ ٽماٽا 14.98 سيڪڙو، اٽو 12.11 سيڪڙو، چکن 3.36 سيڪڙو، آلو 1.52 سيڪڙو، سرسن جو تيل 1.37 سيڪڙو، بيدا 1.03 سيڪڙو، ايل پي جي 0.82 سيڪڙو، وڏو گوشت 0.81 سيڪڙو، لوسڻ 0.78 سيڪڙو، پرنٽڊ لان 0.23 سيڪڙو، ٻارڻ جي ڪاٺ 0.17 سيڪڙو ۽ لانگ ڪپڙو 0.11 سيڪڙو مهانگو ٿيو.
سستيون ٿيندڙ شيون ۾ دال ماش 0.43 سيڪڙو، دال مسور 0.28 سيڪڙو، دال چنا 0.28 سيڪڙو، ڪيلو 0.12 سيڪڙو، 2.5 ڪلو بناسپتي گهيه 0.10 سيڪڙو ۽ بصر 0.01 سيڪڙو سستو ٿيو.