ناليواري مارشل آرٽسٽ جميل احمد چانڊيو جو وائيس آف سنڌ جو دورو، خيرسگالي سفير مقرر

ڪراچي: مارشل آرٽس جي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪندڙ ممتاز شخصيت جميل احمد چانڊيو گذريل ڏينهن وائس آف سنڌ  (VOS) جو خاص دورو ڪيو. ان موقعي تي هن جي وائس آف سنڌ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عمير هارون سان تفصيلي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، سماجي ترقي، ۽ راندين ذريعي قومي تعمير جهڙن اهم موضوعن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

وائس آف سنڌ جي هيڊ ڪوارٽرز تي پهچڻ تي جميل احمد چانڊيو جو ڊاڪٽر عمير هارون ۽ سندس ٽيم طرفان گرمجوشي سان ڀرپور استقبال ڪيو ويو. جيڪو هڪ ٻئي جي عزت ۽ سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جي گڏيل جذبن جو عڪس هو.

ملاقات دوران ڊاڪٽر عمير هارون جميل احمد چانڊيو کي پاڪستان جو اصل چهرو قرار ڏيندي سندس خدمتن جي ساراهه ڪئي. هن خاص ڪري ڪِڪ باڪسنگ، ڪيوشن ڪراٽي، هر قسم جي ڪامبيٽ اسپورٽس ۽ مڪسڊ مارشل آرٽس (MMA) جي فروغ ۾ چانڊيو صاحب جي ڪوششن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو۔ ڊاڪٽر عمير چيو ته مارشل آرٽس صرف هڪ راند نه آهي پر هڪ مڪمل زندگي جو انداز آهي، جيڪو نوجوانن کي طاقت، عزت، صبر ۽ پاڻ تي اعتماد جهڙيون خوبيون سيکاري ٿو، جيڪي ڪنهن به سماج جي ترقي لاءِ انتهائي اهم آهن.

ان موقعي تي جميل احمد چانڊيو وائس آف سنڌ جي ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو ته هي ادارو ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. خاص ڪري نوجوان نسل جي تربيت، منشيات خلاف مهم، ۽ سماجي برائين جي خاتمي لاءِ اداري جي جدوجهد قابلِ تعريف آهي. هن چيو ته اهڙا پليٽفارم نوجوانن جي راهنمائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.

ان موقعي تي ڊاڪٽر عمير هارون جميل احمد چانڊيو کي وائس آف سنڌ جو خير سگالي سفير مقرر ڪيو ۽ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ هڪ شيلڊ پڻ پيش ڪئي. جميل احمد چانڊيو هاڻي وائس آف سنڌ سان گڏجي منشيات خلاف ۽ نوجوانن جي بهبود لاءِ ڪم ڪندا. هن ان اعزاز تي ڊاڪٽر عمير هارون جو شڪريو ادا ڪيو.

جميل احمد چانڊيو مارشل آرٽس جي دنيا جو هڪ وڏو ۽ معتبر نالو آهي. هو K-7 آرگنائيزيشن جا باني ۽ سي اي او آهن، ۽ ان جي هيڊ ڪوچ طور خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن. هي آرگنائيزيشن ملڪ ۾ ڪيؤڪوشن ڪرائيٽ ۽ ايم ايم اي جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هنن جي تربيت هيٺ ڪيترائي رانديگر قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪري پاڪستان جو نالو فخر سان بلند ڪري رهيا آهن.

آخر ۾، جميل احمد چانڊيو جو وائس آف سنڌ لاءِ هڪ خاص پوڊڪاسٽ به رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو جلد ناظرين ۽ سامعين جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويندو. هي پوڊڪاسٽ نوجوانن کي مارشل آرٽس جي اهميت، نظم ۽ ضبط، ۽ مثبت زندگي گذارڻ بابت آگاهي ڏيڻ جو مقصد رکي ٿو.

هي ملاقات وائس آف سنڌ ۽ جميل احمد چانڊيو جي وچ ۾ هڪ مضبوط شراڪتداريءَ جي شروعات آهي، جنهن جو مقصد نوجوانن کي منفي رويين کان بچائي هڪ بهتر، خوداعتماد ۽ منشيات کان پاڪ پاڪستان جي تعمير ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي.

Renowned martial artist Jamil Ahmad Chandiowho is the Vice-President of Sindh